هلندڙ سال جي 11 مهينن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڪاٿو 3 ارب 92 ڪروڙ ڊالر رهيو

ڪراچي: هلندڙ مالي سال جي 11 ميهنن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڪاٿو 3 ارب 92 ڪروڙ ڊالر رهيو.
اسٽيٽ بينڪ موجب مئي ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن ملڪي خانگي شعبي ۾ سڌي سنئين 19 ڪروڙ 83 لک ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ مان 48 لک ڊالر ۽ ملڪي سرڪاري شعبي مان 52 لک ڊالر ڪڍيا ويا ائين مئي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڪاٿو 18 ڪروڙ 83 لک ڊالر رهيو.
مرڪزي بينڪ جو چوڻ آهي ته مئي جا انگ اکر شامل ڪرڻ کان پوءِ هلندڙ مالي سال جي 11 مهينن ۾ ملڪي خانگي شعبي ۾ سڌي سنئين سيڙپڪاري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 28 سيڪڙو گهٽ ٿي هڪ ارب 75 ڪروڙ ڊالر رهي، پرڏيهي سيڙپڪارن 11 مهينن ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ مان 28 ڪروڙ ڊالر ڪڍيا، ائين 11 ميهنن ۾ملڪي خانگي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڪاٿو 1 ارب 46 ڪروڙ ڊالر رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔