ڪراچي اندر ڪورونا ڪيسن جي شرح 10.61 سيڪڙو ريڪارڊ

ڪراچي: ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 10.61 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي.
صحت کاتي جي ترجمان موجب شهر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4099 ڄڻن جون ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 435 ڄڻن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي.
حيدرآباد ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 5.65 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي.
صحت کاتي جي ترجمان موجب حيدرآباد ۾ 708 ڄڻن جون ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 40 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي.
سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب صوبي جي ٻين ضلعن ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.07 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔