فيس بڪ ڪمنٽس کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نوان ايڊمن ٽولز متعارف

عالمي سطح تي مقبول سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيس بڪ آن لائن ڪميونيٽيز کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئون ايڊمن ٽول متعارف ڪرايو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ايڊمن هاڻ آن لائن ڪميونيٽيز جي ڪهن به اهڙي ميمبر تي پابندي هڻي سگهي ٿو جنهن گروپ جي قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي هجي، ان پابندي جي تحت اهڙو ميمبر فيس بڪ پيجز ۽ گروپ ۾ فعال رهڻ جي اهل نه رهندو.
نئين ٽول جي تحت فيس بڪ طرفان هاڻ ايڊمن کي اهڙي تبصرن تي پابندي هڻڻ جي اجازت هوندي جن کي هو پنهنجي گروپ ۾ ظاهر نٿو ڪرڻ چاهي.
ان ٽول جي ذريعي ايڊمن کي پوسٽ ۾ ايڊيٽ ڪندي ان کي ري پوسٽ ڪرڻ جو اختيار به ڏنو ويو آهي.
ايڊمن فيس بڪ تي هڪ معيار جوڙيندي شيئر ڪيل اڻ لاڳاپيل مواد ۽ تڪرار کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو، ان کان سواءِ ايڊمن کي هاڻ ڪنهن به پوسٽ کي ٻيهر ان ڊو ڪرڻ يا وقت سان گڏ ان ۾ تبديلي جو به اختيار ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔