حڪومت قومي بچت اسڪيمن ۾ منافعي جي شرح وڌائي ڇڏي

اسلام آباد: حڪومت قومي بچت اسڪيمن جي منافعي جي شرح ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 10 سالن جي ڊفينس سيونگز سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح 9.29 مان وڌائي 9.35 سيڪڙو ۽ ريگيولر انڪم سيونگز سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح 8.62 مان وڌائي 8.76 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته 6 مهينن جي شارٽ ٽرم سيونگز سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح 7.14 مان وڌائي 7.20 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسپيشل سيونگز سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح برقرار رهندي.
ان سان گڏوگڏ ڀلائي، پينشنرز، شهيدن جي فيملي سرٽيفڪيٽس ۽ سيونگز اڪائونٽس تي منافعي جي شرح برقرار رهندي.
نوٽيفڪيشن موجب منافعي جي شرح ۾ واڌ اڄ کان لاڳو ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔