”ڪنهن سان لاڳاپن بدران سنگل رهڻ پسند آهي“

ڪراچي : من موهڻي اداڪارا ڪنزا هاشمي چيو آهي ته منهنجي شادي ۾ اڃا وقت آهي ۽ جڏهن وقت آيو ته ٿي ويندي.
ڪنزا هاشمي هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ شريڪ ٿي، جتي هن ميزبان طرفان مختلف سوالن جا جواب ڏنا.
شادي بابت پنهنجي نظرين تي ڳالهائيندي اداڪارا چيو ته شادي زندگي جو مقصد ناهي، شادي کانپوءِ هڪ نئين زندگي شروع ٿيندي آهي پر اها زندگي ناهي.
هن چيو جڏهن توهان کي لڳي ته توهان کي زندگي ۾ هاڻ ڪنهن پارٽنر جي ضرورت آهي ته توهان کي شادي ڪري ڇڏڻ گهرجي، مون کي ڪنهن سان لاڳاپن بدران سنگل رهڻ پسند آهي، ڇو ته ڪنهن سان لاڳاپا جوڙڻ کانپوءِ انسان آزاد ناهي رهي سگهندو ۽ مان آزادي پسند آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔