مزاحيه ويڊيو جي نالي تي عورتن کي هراسان ڪندڙ يوٽيوبر گرفتار

گجرانوالا: گجرانوالا پوليس بنا اجازت جي عوامي ماڳن تي ويڊيوز ٺاهي عورتن کي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ هڪ يوٽيوبر کي گرفتار ڪيو ويو.
جوابدار مذاق جي نالي تي عورتن کي مختلف ڳالهين تي هراسان ڪندو هو ۽ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي مٿس گهڻي تنقيد ٿي رهي هئي ۽ پوليس کان ايڪشن وٺڻ جو مطالبو ڪيو پئي ويو.
جوابدارن تي عورتن سان غير اخلاقي حرڪتون، هٿيارن جي زور تي گار گند ڪرڻ جي الزام ۾ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
گجرانوالا پوليس لاهور جي علائقي محمود بوٽي ۾ ڪارروائي ڪري جوابدار محمد علي کي گرفتار ڪري ورتو.
جوابدار گکڙ منڊي جو رهواسي آهي جنهن سوشل ميڊيا تي پنهنجو چينل ٺاهي رکيو آهي. ايس پي صدر عبدالوهاب موجب جوابدار مزاحيه ويڊيوز جي ذريعي شهرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف عوامي ماڳن ۽ پارڪن ۾ ويهي عورتن کي هراسان ڪري سندن تذليل ڪندو هو ۽ ويڊيوز سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيندو هو.
پوليس جوابدار جي خلاف مقامي شهري جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔