ايف بي آر سمنڊ پار پاڪستانين خلاف گهيرو تنگ ڪري ورتو

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سمنڊ پار پاڪستانين خلاف گهيرو تنگ ڪندي نان ريزيڊنٽ پاڪستانين جي 5 سالن کان پراڻن گوشوارن جي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايف بي آر ذريعن موجب نان ريزيڊنٽ پاڪستانين جي اثاثن ۽ آمدني خلاف جاچ جو دائرو وڌائڻ جي تجويز آهي، جنهن تحت نان ريزيڊنٽ پاڪستانين جي 5 سالن کان پراڻن گوشوارن جي جاچ ڪري سگهبي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس ڪمشنر ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين خلاف ڪنهن به سال جي ريٽرن جي جاچ ڪري سگهندا.
ان کانسواءِ ايندڙ بجيٽ ۾ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ريٽرن تي 5 سالن جو مدو ختم ڪرڻ جي تجويز به آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔