چونڊن ۾ ڌانڌلي روڪڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال واحد آپشن آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊ عمل ۾ ڌانڌلي روڪڻ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال واحد آپشن آهي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ چونڊ عمل ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال تي بريفنگ ڏني وئي ۽ چونڊ اصلاحات جي ضمن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال ۽ قانون سازي تي هن وقت ٿيل اڳڀرائي تي تفصيلي طور آگاهه ڪيو ويو، ان موقعي تي وزيراعظم اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي چونڊ عمل ۾ استعمال ۾ شفافيت ۽ سمورا آئيني تقاضن کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو اثاثا آهن، انهن کي چونڊ عمل ۾ لازمي شريڪ ڪيو، چونڊ اصلاحات ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ اوور سيز پاڪستانين کي راءِ جو حق ڏيڻ وارو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔