عوام ويڪسين لڳرائڻ لاءِ بي چين، حڪومت وٽ ڪورونا ويڪسين جو بحران

ڪراچي: جڏهن ماڻهو ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسينيشن لاءِ متحرڪ ٿيا آهن ته حڪومت وٽ ويڪسين جو بحران پيدا ٿي پيو آهي. وفاقي حڪومت صوبن کي ويڪسين فراهم ڪرڻ ۾ سست روي جو شڪار آهي. ڪراچي ، لاهور ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن کي ڪورونا وئڪسينز جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ، جنهن جي ڪري ويڪسينز جي ٻئي ڊوز لاءِ رکيل خوراڪ به پهرين ڊوز وارن کي ڏني پئي وڃي. پهريون ڊوز لڳائڻ وارن کي جيڪڏهن ٻيو ڊوز وقت تي نه لڳو ته ويڪسين جو اثر وڃائجڻ جو خدشو پيدا ٿي سگهي ٿو. خيبرپختونخواه جي صحت واري سيڪريٽري پڻ خبردار ڪيو آهي ته ويڪسين جي ترسيل ۾ دير سان ويڪسينيشن جو عمل متاثر ٿيندو. هوڏانهن صحت واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته ويڪسينيشن جي کوٽ جي ذميواري وفاق جي ناهي، ويڪسينيشن سينٽرز لاءِ ويڪسينز جي مقدار ۽ ترسيل جي تاريخ صوبائي حڪومتون طئي ڪنديون آهن. ٻئي طرف ، ويڪسين بحران پيدا کان پوءِ وفاقي حڪومت فوري طور تي وڌيڪ 2 ڪروڙ 75 لک ويڪسين خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صحت واري وزارت موجب ، سائنوفارم ، سائينو ويڪ ۽ ڪين سائنو ويڪسين جي پوڻا 3 ڪروڙ خوراڪ خريد ڪرڻ لاءِ معاملا طئي ٿي ويا آهن، سائينو فارم جي 2 ڪروڙ 30 لک، سائينو ڪي جون 20 لک ۽ ڪين سائينو جون 25 لک خوراڪون خريد ڪيون وينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔