هنگامو ۽ گارگند ڪندڙ ايم اين ايز خلاف ڪارروائي، قومي اسيمبلي ۾ اچڻ کان روڪيو ويو

اسلام آباد: اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر ايوان ۾ هنگامو، جهيڙو ۽ گارگند ڪرڻ تي اسيمبلي ميمبرن خلاف ڪارروائي ڪندي کين اسيمبلي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اها پابندي وڌيڪ نوٽيس تائين جاري رهندي. اسپيڪر قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت اها ڪارروائي ڪئي، جن ميمبرن تي پابندي مڙهي وئي آهي تن ۾ علي نواز اعوان ، عبدالمجيد خان ، فهيم خان ، شيخ روحيل اصغر ، علي گوهر خان ، چوڌري حامد حميد ۽ آغا رفيع الله شامل آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ميمبرن ۽ اسيمبلي سيڪيورٽي کي حڪم جاري ڪيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔