ڪوٽڙي: تانيا خاصخيلي قتل ڪيس جي مک جوابدار خانو نوحاڻي جي ضمانت رد

ڪوٽڙي: تانيا خاصخيلي قتل ڪيس واري هاء پروفائيل ڪيس ۾ ڄامشوري جي عدالت تانيا خاصخيلي قتل ڪيس جي مک جوابدار خانو نوحاڻي جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي. تانيا جي امڙ خورشيد اڄ ڪورٽ ۾ پهچي انصاف لاء جج اڳيان دانهون ڪيون هيون. تانيا ڪيس جي فريادي ۽ جوابدار جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڄامشوري جي ماڊل ڪورٽ ون محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. ماڊل ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 19 جون تي رکي ڇڏي. فريادي جي وڪيل جو چوڻ آهي ته ڪورٽ مان مک جوابدار جي ضمانت رد ٿيڻ سان انصاف جي اميد پيدا ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔