سنڌ بجيٽ:تعليم جي شعبي لاءِ 277.56 ارب رپيا رکيا ويا

ڪراچي: ايندڙ مالي سال جي سنڌ بجيٽ ۾ تعليم لاءِ رکيل بجيٽ سڀني شعبن کان وڌيڪ آهي، ٻئي نمبر تي صحت ۽ مڪاني ادارن جو حصو آهي. ايندڙ مالي سال لاءِ تعليم جي شعبي لاءِ 277.56 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اهڙي ريت تعليم جي بجيٽ ۾ 14.2 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. اسڪولن جي فرنيچر جي خريداري لاءِ 6.623 رپيا، اسڪولن جي سڌار سنوار لاءِ 5 ارب رپيا، ڪاليجن جي مرمت ۽ بحالي لاءِ 425 ملین رپيا رکيا ويا. تعليم جي ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 26 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔