سنڌ بجيٽ: صحت جي شعبي ۾ خدمتن لاءِ 172.08 ارب رپيا رکيا ويا

ڪراچي: ايندڙ مالي سال جي سنڌ بجيٽ ۾ صحت جي شعبي ۾ خدمتن لاءِ 172.08 ارب رپيا رکيا ويا آهن،جنهن ۾ 29.5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ لاءِ 24.73 ارب رپيا، پي پي ايڇ آءِ لاءِ 26 سيڪڙو واڌ سان گڏ 8.2 ارب رپيا رکيا ويا. انڊس اسپتال جي سالياني گرانٽ 2.5 ارب ۽ اسپتال جي توسيع لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ويا. ايس آءِ يو تي جي گرانٽ ۾ 27سيڪڙو واڌ ڪندي 7.12 ارب رپيا رکيا ويا. صحت لاءِ ترقياتي بجيٽ ۾ 18.50 ارب رپيا رکيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔