سنڌ جي 14 کرب کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش، پگهارن ۾ 20، پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، اپوزيشن جو گوڙ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر احتجاج دوران وڏي وزير مراد علي شاهه مالي سال 22-2021 جي بجيٽ پيش ڪئي. 14 کرب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز پيش وئي وئي. جڏهن ته امن امان لاءِ 105 ارب روپيا ، صحت لاءِ 172 ارب ۽ تعليم لاءِ 240 ارب رپيا رکيا ويا. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايندڙ مالي سال 22-2021 لاءِ سنڌ جي مجموعي بجيٽ 1477.903 ارب رپيا آهي ، هن سال صوبائي بجيٽ 19.1 سيڪڙو وڌائي وئي جڏهن ته بجيٽ ۾ خساري جو ڪاٿو 25.738 ارب رپيا آهي. مراد علي شاهه چيو ته ايندڙ مالي سال 22-2021 لاءِ صوبي جون پنهنجون وصوليون 329.319 ارب رپيا ۽ صوبي جو جاري خرچ 1089.372 ارب رپيا آهي ، ترقياتي پروگرام جي بجيٽ 43.5 سيڪڙو وڌائي هن ڀيري 222.500 رپيا مختص ڪيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17،500 مان وڌائي 25000 رپيا ڪئي وئي آهي ، رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز آهي. بجيٽ اجلاس دوران ايوان جي اندر ۽ ٻاهر اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. اپوزيشن جا ميمبر ايوان ۾ پلي ڪارڊ پڻ کڻي آيا. سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته اسان سمجهيو ته بجيٽ يونس ميمڻ پيش ڪندو پر بجيٽ يونس ميمڻ جي منشي پيش ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔