ڪوئيٽا ۾ ايف سي تي حملو، 4 اهلڪار شهيد

ڪوئيٽا: دهشتگردن ڪوئيٽا ۾ فرنٽيئر ڪور (ايف سي) بلوچستان تي دديسي ساخت بم سان حملو ڪيو ، جنهن ۾ هڪ جي سي او سميت چار ايف سي اهلڪار مارجي ويا. انٽرنيشنل سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب ، دهشتگرد مارگٽ روڊ ڪوئيٽا تي مارگٽ مائينز جي حفاظت ڪندڙ ايف سي اهلڪارن کي ديسي ساخته بم سان نشانو بڻايو. آءِ ايس پي آر موجب ، دهشتگرد حملي ۾ جي سي او سميت 4 ايف سي اهلڪار شهيد ٿيا. شهيدن ۾ لڪي مروت ضلعي جو صوبيدار سردار علي خان ، وهاڙي ضلعي جو مصدف حسين ، ڊي آءِ خان جو محمد انور ۽ نيلم سان تعلق رکندڙ اويس خان شامل آهن. ايف سي بلوچستان علائقي کي گهيرو ڪري ڇڏيو آهي ۽ دهشتگردن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔