ڪراچي ۾ ڪڊني ھل پارڪ مان ھر قسم جون حددخليون ھٽائڻ جو حڪم

ڪراچي: سپريم ڪورٽ، ڪراچي ۾ ڪڊني هل پارڪ مان هر قسم جون حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، الادين پارڪ وٽ موجود شاپنگ سينٽر پڻ ڊاھڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، ڪمشنر ڪراچي کان ٻن ڏينهن ۾ تفصيلي رپورٽ طلب، عدالت پنهنجي ريامرڪس ۾ چيو آهي ته ڪڊني هل پارڪ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمرشل سرگرمي نه ٿيندي، پارڪ ۾ سڄي 62 ايڪڙ زمين خالي ڪرائي وڃي، ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ عابده چنڙ چيو ته پارڪ ۾ اڃا به مڪمل طور حددخليون ختم ناهن ٿيون، عدالت ڪمشنر ڪراچي کان پڇاڻو ڪيو ته ڪمشنر صاحب! ڇا مسئلو آهي، روزانو ڪا نه ڪا نئين شئي ٺهي وڃي ٿي، ڪمشنر ڪراچي چيو ته مون رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، رڳو هڪ اجڪ مسجد ۽ هڪ مزار موجود آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پهرين ڪا به مزار نه هئي، قبضي جو اهو ئي طريقو آهي ته پهرين جهنڊا لڳايا ويندا آهن، جسٽس قاضي احمد پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن مسجد نبوي جي توسيع غيرقانوني طور نٿي ٿي سگهي ته ڪا ٻي مسجد ڪيئن تعمير ٿي سگهي ٿي؟………….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔