ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڊرائيونگ لائسنس کي ڪورونا ويڪسينيشن سان مشروط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪاروبار هفتي ۾ 2 ڏينهن جي بدران اين سي سي او سي موجب بند ڪيو ويندو ۽ هاڻي آچر تي ڪاروبار بند هوندو. ڪاروباري سرگرميون باقي ڏينهن تي جاري رهنديون. ان موقعي تي وڏي وزير ، ايڪسپو سينٽر ۾ نان ويڪسين سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي خبر جو نوٽيس ورتو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڊرائيونگ لائسنس لاءِ ڪورونا ويڪسين کي لازمي بڻايو وڃي.