سکر: ايم پي اي سيد فرخ شاهه رمانڊ تي نيب حوالي

سکر: آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت ايم پي فرخ شاهه کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، فرخ شاهه کي سومر ڏينهن احتساب عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. جڏھن تھ عدالتي احاطي ۾ پ پ جيالن پاران نعريبازي ڪئي وئي، ياالله يا رسول فرخ شاهه بي قصور جي نعريبازي ڪئي وئي، نين گردي بند ڪيو۔ نيب جي غنڊا گڙدي بند ڪريو ۽ جيئي ڀٽو جي نعريبازي پڻ ڪئي وئي، نيب سکر عدالتي حڪم کانپوء فرخ شاهه کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔