ممبئي ۾ تيز برساتن سبب رهائشي عمارت ڪِري پئي، 11 ڄڻا فوت

نئين دهلي : ڀارتي شهر ممبئي ۾ تيز برساتن سبب هڪ رهائشي عمارت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا.
مهاراشٽرا رياست جي تخت گاهه ممبئي ۾ مسلسل تيز برساتن سبب عمارت ڪرڻ جو اهو واقعو اربع ۽ خميس جي وچين رات پيش آيو.
واقعي ۾ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي ڍير مان جيئرو ڪڍيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔