راکي ساونت چِتائي ڏسندڙ واٽهڙو تي ڏمرجي پئي

ممبئي : ڀارتي اداڪارا راکي ساونت چِتائي ڏسندڙ واٽهڙو کي ست سُريون ٻڌائي ڇڏيون.
راکي ساونت جي هڪ تازي ويڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ صحافين سان گفتگو دوران هوءَ واٽهڙو تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نظر اچي رهي آهي.
راکي ساونت جي صحافين سان گفتگو دوران هڪ واٽهڙو کيس چتائي ڏسي ٿو، جنهن تي اداڪارا کيس چئي ٿي ته ”انڪل توهان وڃو، مان انٽرويو ڏئي رهي آهيان مون کي ڇو ڏسي رهيا آهيو، ڪڏهن ڇوڪري ناهي ڏٺي ڇا توهان؟ وڃو توهان جو ايڪسيڊنٽ نه ٿي وڃي“.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔