پي ايس ايل 6 جي رهيل ميچن لاءِ آفيشلز جو اعلان ٿي ويو

لاهور: پاڪستان سپر ليگ 6 جي رهيل ميچن لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ليگ جي رهيل 20 ميچن لاءِ آفيشلز جو اعلان ڪيو آهي، اهي ميچون 9 کان 24 جون تائين ابوظهبي ۾ کيڏيون وينديون.
انهن ميچن ۾ پاڪستان جي سڀ کان سينيئر امپائر ۽ آءِ سي سي ايليٽ پئنل جي ميمبر عليم ڊار کانسواءِ پي سي بي ايليٽ پئنل ۾ شامل 6 ٻيا امپائر به امپائرنگ جا فرض انجام ڏيندا.
پي سي بي ايليٽ پئنل امپائرن ۾ احسن رضا، آصف يعقوب، فيصل خان آفريدي، راشد رياض، شوزب رضا ۽ ضمير حيدر شامل آهن.
ميچ ريفرين جي پي سي بي ايليٽ پئنل ۾ علي نقوي، افتخار احمد، محمد انيس ۽ محمد جاويد ملڪ شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔