نائيجيريا ٽوئٽر مٿان اڻڄاڻايل مدي تائين پابندي لڳائي ڇڏي

ابوجا: نائيجيريا سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي اڻڄاڻايل مدي جي لاءِ پابندي لڳائي ڇڏي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر طرفان نائيجيرين صدر جو ٽوئٽ ڊيليٽ ڪرڻ تي نائيجيريا ٽوئٽر سروس معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو اهي.واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ نائيجيرين صدر جي ٽوئٽ ئي قائدن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي ٽوئٽر طرفان ان کي ڊيليٽ ڪيو ويو هو. نائيجيرين صدر محمد وبوباري ٽوئٽ ۾ مخالفن جي لاءِ ڌمڪي واري ٻولي استعمال ڪئي هئي.محمدو بوباري جو ٽوئٽ هڪ اهڙي صورتحال ۾ سامهون آيو هو جڏهن ملڪ ۾ عليحدگي پسندگي وارن جذبن ۽ تشدد جو رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي. صدر ٽوئٽ ۾ رياست جي حامين کي سيڪيورٽي اختيارين ۽ حڪومت تي وڌندڙ حملن تي سزا ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔