داعش جي دهشتگرد محمود جي سر جي قيمت 25 لک مقرر

ڪراچي: ڪائونٽر ٽيررزم کاتي طرفان نائون ريڊ بڪ جو ايڊيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سرجي قيمت وارا گهربل دهشتگرد به شامل آهن، ريڊ بڪ ۾ پهريون نالو داعش جي دهشتگرد محمود جي سر جي قيمت 25 لک مقرر آهي، جڏهن ته ٽي ٽي پي جي خان زمان محسود جي سر جي قيمت به 25 لک روپيا انعام آهي، ريڊ بڪ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لشڪري جهنگوي سان واسطو رکندڙ فيصل ڀٽي جي سر جي قيمت 30 لک رپيا آهي، جڏهن ته لشڪري جهنگوي جي محمد علي ۽ قاري جميل جي سر جي قيمت 5، 5 لک انعام رکيو ويو آهي، نئين ايڊيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جندالله جي دهشتگرد ڪاشف شاهه جي سر جي قيمت 5 لک رپيا رکيل آهن، سپاهه محمد جي دهشتگردن ۾ رضا امام جي سر جي قيمت 10 لک روپيا آهي، ريڊ بڪ ۾ چيو ويو آهي ته مولانا ذوالقرنين حيدر نقوي ۽ محب علي رضوي تي به 10، 10 لک انعام مقرر ڪيو يو ويو آهي، جڏهن ته محسن مهدي رضوي تي 10، راشد حسن تي به 10 ۽ علي مستحسن ۽ آصف حسين زيدي تي 5. 5 لک انعام رکيو ويو آهي، نئين ايڊيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لياري گينگ واري جي بلال راشد جي سر جي قيمت 10 لک، نثار ملان تي 5، زاهد ۽ شيراز ذڪري تي 2، 2 لک انعام مقرر ٿيل آهي، سمورن گهربل دهشتگردن جي سرن جي قيمت گهرو وزارت طرفان مقرر ڪئي وئي هئي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔