گھوٽڪي جي ڪچي ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن تيز، ڪيترائي گھر ڊاھي پٽ

گهوٽڪي: شڪارپور جي ڪچي ۾ پوليس آپريشن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ گهوٽڪي جي ڪچي ۾ پوليس ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي هدايتن تي ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ، ايس ايڇ او بي سيڪشن علي گل ملاح ۽ ايس ايس پي جي اسپيشل ٽيم جي انچارج الهي بخش گجراڻي جي سربراهي ضلعي جي 20 کان وڌيڪ ٿاڻن جي پوليس ڏوهارين جي خاتمي لاءِ ڪچي ۾ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي تھ سرچ آپريشن دوران ڏوهاري گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن جن جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي ۽ سرچن وارو عمل جاري آهي، ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف هلندڙ آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو پيو وڃي ۽ ڪچي کان پڪي طرف ايندڙ ويندڙ سمورن رستن کي سيل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب گهوٽڪي ڀرسان ڪچوٻنڊي ٽو جي ڪچي واري علائقي درياھ ڪناري 20 وڌيڪ پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آهن ته جيئن شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي ڪچي ۾ هلندڙ آپريشن دوران ڏوهاري فرار ٿي گهوٽڪي جي ڪچي ۾ پناھ نھ وٺن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔