سردارن جو وڪيل ڪيس کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري پيو، جھڪڻ وارا ناھيون: ام رباب

دادو: دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ قاضي نديم بدر جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو، والد مختيار چانڊِيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي وڪيل صلاح الدين پنهور دليل ڏيندي چيو ته ڪيس جي جاچ آفيسر کي اختيار ناهي ته هو شاهدن جي بنياد تي جوابدار جو نالو ڪيس مان خارج ڪري، اهو اختيار جڊيشنل مئجسٽريٽ جي عدالت کي آهي، ھن چيو ته جوابدار ڌر پاران بريت لاءِ پيش ڪيل ثبوتن ۾ ڪٿي به ثابت نه ٿو ٿئي ته واقعي واري ڏينهن برهان چانڊيو بدين ۾ بلاول ڀٽو جي جلسي ۾ موجود هيو جوابدار ڌر جيڪو رستو ٻڌايو آهي ان رستي سان ڄامشورو ۽ حيدرآباد ٽول بلازه وٽ سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳل آهن، جنهن جو ثبوت نه ڏنو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي مک جوابدار مرتضيٰ چانڊيو واقعي بعد سڀ کان پهريان ايم پي اي سردار چانڊيو کي ڪال ڪري ۽ ميسيج ذريعي ٻڌايو تھ بابا سائين ڪم ٿي ويو آهي پوليس کي سنڀالجو، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سردار چانڊيو سندس مُئڪل (فريادي) پرويز چانڊيو جي والد ڪرم الله چانڊيو ڀائرن مختيار ۽ قابل چانڊيو کي قتل ڪرايو آهي، عدالت ۾ بلاول ڀٽو جي 17 جنوري 2018 واري بدين جي جلسي ۾ برهان چانڊيو جي موجودگي جو بار بار ذڪر ٿيندو رهيو ، ام رباب چانڊيو جي وڪيل پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا، جڏهن ته سردار چانڊيو جي وڪيل جا دليل ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 19 جون تي ٿيندا، عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته ٽن سالن کان عدالتن ۾ اچون پيان، اسان جو وڪيل دليل ڏئي پيو پر سردارن جو وڪيل هر ڀيري بهانا بڻائي ڪيس کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري پيو، هن چيو ته عدالت 19 تاريخ تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي آهي ام رباب جهڪڻ واري ناهي، اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، هن چيو ته سنڌ جي عوام کي به جاگيرداري ۽ سرداري نظام خلاف اُٿي بيهڻ کپي، ام رباب چيو ته سردار عدالتن کي ڪجهه نه ٿا سمجهن هو سمجهن ٿا ته عدالت سندن اوطاق آهي، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ کان اپيل ڪيان ٿي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي رڳو نوٽيس نه ورتو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔