زرعي پاڻي جي سنگين کوٽ: سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مظاھرا

ڪراچي : سنڌ جي مختلف علائقن ۾ زرعي پاڻي جي سنگين کوٽ سبب فصلن جي پوکي متاثر، زرعي زمينون سُڪي ٺوٺ ٿيڻ سبب آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا، ٽنڊو الهيار ۾ زرعي پاڻي جي چوري خلاف آبادگارن جو احتجاج جاري، سوين آبادگارن جو حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو، ميرپور خاص کان حيدرآباد ۽ ڪراچي ويندڙ ٽرئفڪ متاثر، آبادگارن جو چوڻ آهي ته آبپاشي عملدارن طرفان بااثرن کي پاڻي وڪرو ڪرڻ سبب پڇڙي جي آبادگارن جون زمينون بنجر ٿي ويون، پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري غريب آبادگارن جي معاشي قتلام خلاف احتجاج جاري رکيو ويندو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔