تاجڪستان جو صدرامام علي رحمان ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد: : تاجڪستان جو صدر امام علي رحمان 2 ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي هو وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته تاجڪستان جي صدر سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به پاڪستان آيو آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ تاجڪستان جي صدر وچ ۾ ملاقات ٿيندي. صدر عارف علوي ۽ تاجڪ هم منصب ۾ به ملاقات ٿيندي. وفدن جي سطح جون به ملاقاتون ٿينديون ۽ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون به ڪيون وينديون.

وزيراعظم عمران خان تاجڪ صدر جو استقبال ڪيو. تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. تاجڪ صدر امام علي رحمان گارڊ آف آنر جو معائنو به ڪيو. وزيراعظم تاجڪ صدر امام علي رحمان سان ڪابينه ميمبرن جو تعارف ڪرايو. تاجڪ صدر امام علي رحمان وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو به لڳايو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔