جولاءِ کان مهانگائي ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي: شوڪت ترين

اسلام آباد: ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته جولاءِ کان مهانگائي ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي. ناڻي واري وزير شوڪت ترين خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڪڻڪ، داليون درآمد ڪرڻ جي ڪري شين جا اگهه وڌي ويا آهن، مهانگائي جو هڪ سبب هاري ۽ هول سيل مارڪيٽ ۾ اگهن جو فرق به آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ فوڊ آئٽمز جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اثر پاڪستان ۾ به ايندو. شوڪت ترين جو چوڻ هو ته حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ نوان ٽيڪس هڻڻ جو ادارو نٿي رکي پر حڪومت ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٽيڪس بيس وڌائيندي، آءِ ايم ايف سان اسان جون ڳالهيون جاري آهن، اسٽيٽ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف کي چيو آهي ته اسان توهان جو هدف پورو ڪنداسين پر ٽيڪس نه هڻنداسين، هن وقت اُهي شيون ڪنداسين جيڪي اسان جي مفاد ۾ آهن، منهنجي ڪوشش آهي ته ڪير به وڌيڪ ٽيڪس نه ڏئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي صورتحال ٽيڪس وصولين کي متاثر ڪيو آهي. شوڪت ترين ٻڌايو ته حفيظ شيخ ۽ وزير اعظم جي پاليسي جي ڪري معيشت جو گراف مٿي ويو، جي ڊي پي گروٿ جو ڪريڊٽ حفيظ شيخ ڏانهن به وڃي ٿو، آءِ ايم ايف جو پروگرام ڏاڍو سخت هو جنهن جي ڪري معيشت جو ٻيڙو غرق ٿيو، اسان وٽ ڪو رستو نه هو ۽ آءِ ايم ايف اسان سان زيادتي ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔