نوي ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه سٺو ڪندڙ عمران خان وائکو ٿي ويو: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 90 ڏينهن ۾ سڀ سٺو ڪندڙ عمران خان اڄ 33 مهينا ۽ 11 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ به ڪجهه نه ڪري سگهيو ۽ ايندڙ 813 ڏينهن ۾ به هو ڪجهه نه ڪري سگهندو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٽن سال جي اقتدار عمران خان کي خراب نموني بي نقاب ڪري ڇڏيو، عوام سمجهي چڪو آهي ته هن کي تبديلي جي نالي تي ڌوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، 90 ڏينهن ۾ سڀ سٺو ڪندڙ عمران خان اڄ 33 مهينا ۽ 11 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ به ڪجهه نه ڪري سگهيو ۽ ايندڙ 813 ڏينهن ۾ به هو ڪجهه نه ڪري سگهندو، سائيڪل واري وزير اعظم جا قصا ٻڌائي عمران خان عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ملڪ جو مستقبل داءَ تي هڻي ڇڏيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٽن سالن ۾ ٽيون ناڻي وارو وزير کڻي آيا، ايف بي آر جي چار ۽ بورڊ آف انويسٽمنٽ جا ٽي چيئرمين تبديل ڪيا ويا پر عمران خان معيشت ۾ سڌارو نه آڻي سگهيو، ٽن سالن ۾ چوٿون واپار وارو سيڪريٽري تبديل ڪيو ويو پر عمران خان عوام جي تقدير بدلجڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. هن وڌيڪ چيو ته وزير اعظم صاحب! ملڪي معيشت ڪنهن کي هٽائڻ يا لڳائڻ سان بهتر ناهي ٿيندي پر قائداڻي صلاحيتن سان ملڪ اڳتي وڌندو آهي، عمران خان جي ٽيم ورڪ جو اِهو عالم آهي ته معاشي ٽيم هڪ ڏينهن فيصلو ڪندي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ڪابينا ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔