اسٽيٽ بينڪ جو وياج جي شرح 7 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو اعلان

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ مانيٽري پاليسي جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ وياج جي شرح 7 سيڪڙو جي سطح تي برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بينڪ موجب مارچ کان پوءِ مهانگائي ۾ واڌ ٿي آهي پر هلندڙ مالي سال مهانگائي 9 سيڪڙو تائين جي توقع آهي ۽ وچ مدي ۾ مهانگائي 5 کان 7 سيڪڙو رهڻ جي توقع آهي جڏهن ته بجلي جي اگهن ۾ تازي واڌ سان مهانگائي جي شرح ايندڙ مهينن ۾ بند رهندي. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ مهانگائي جو دارومدار غذائي ۽ توانائي جي اگهن، اجرتن تي ڳالهين ۽ معاشي بحالي تي هوندو، غذائي شين ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي جا اثر اڃا ظاهر ٿيڻ باقي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔