ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جو آفريقي قسم تيزي سان پيو پکڙجي: عذرا پيچوهو

ڪراچي: سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڏکڻ آفريقي قسم جي تيزي سان پکڙجڻ جي تصديق ڪئي آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي سنڌ جي صحت واري وزير چيو ته 57 ڄڻن جي نمونن تي پروسيرولوجيڪل تحقيق ڪئي وئي آهي جنهن مان ڪراچي ۾ 71 سيڪڙو ڪيس ڪورونا جي ڏکڻ آفريقي قسم جا رپورٽ ٿيا ۽ 20 سيڪڙو ڪيس برطانوي قسم جا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ هاڻ ڪورونا جو ڏکڻ آفريقي قسم تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ۽ گهڻا ئي ڪيس 2 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۾ رپورٽ ٿيا آهن. صحت واري وزير جو چوڻ هو ته والدين پاڻ کي ويڪسين هڻائڻ جيئن ٻارن کي هنن مان وائرس نه لڳي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔