ماهرن ڪراچي ۾ ڪڪڙين اندر نئين وائرس جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي: ماهرن تصديق ڪئي آهي ته ملڪ اندر ڪڪڙيون هڪ نئين وائرس جو شڪار ٿيڻ لڳيون آهن.
ويٽرنري يونيورسٽي جي مائيڪرو بيالاجي واري شعبي جي ڊائريڪٽر پروفيسر طاهر يعقوب ڪڪڙين ۾ نئين وائرس جي موجودگي جي تصديق ڪئي آهي.
خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته ڪڪڙيون نئين وائرس ايڊينو جو شڪار ٿيڻ لڳيون آهن.
پروفيسر طاهر يعقوب ٻڌايو ته ايڊينو کان اڳ ئي ڪڪڙين ۾ راڻي کيت ۽ انفلوئنزا جا وائرس موجود آهن.
سندس چوڻ هو ته ٽنهي وائرسن سبب ڪڪڙيون عصبي نظام ۽ ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيون آهن.
وٽرنري يونيورسٽي جي پروفيسر وڌيڪ چيو ته نئين وارس ايڊينو جي ڪري راڻي کيت ويڪسين غير موثر ٿي وئي.
هن وڌيڪ چيو ته شهري ۾ ڪڪڙين جو گوشت خريد ڪرڻ احتياط ڪن ۽ رکيل گوشت کان پاسو ڪن، بيماري سبب روزاني جي بنياد تي 4 هزار ڪڪڙيون مري رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔