شام جي صدر بشارالاسد چوٿون ڀيرو به اليڪشن کٽي ورتي

دمشق: شام جي صدر بشارالاسد چوٿون ڀيرو اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب شام جي صدر بشار الاسد 95.1 سيڪڙو ووٽ کنيا ۽ هو چوٿون ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊجي ويو جڏهن ته هن جي مخالفن مٿس اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو به الزام هنيو آهي.
اليڪشن ۾ ڪاميابي تي بشار الاسد جي حڪومت جو چوڻ آهي ته چونڊون اِهو واضح ڪن ٿيون ته ڊگهي عرصي کان جاري خانه جنگي جي باوجود به شام معمول جي موجب هلي رهيو آهي.
ميڊيا جي رپورٽن موجب شامي پارليامينٽ جي سربراهه نيوز ڪانفرنس جي ذريعي اليڪشن ۾ بشار الاسد جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو ۽ ٻڌايو ته اليڪشن ۾ 14 ملين شهرين حصو ورتو ۽ ووٽنگ ٽرن آئوٽ 78 سيڪڙو رهيو.
اليڪشن ۾ ڪاميابي تي بشار الاسد سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ پنهنجي حامين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر سڀاڻي کان اميد ۽ شام جي اڏاوت لاءِ ڪم شروع ڪيون ٿا.
ٻئي پاسي فرانس، جرمني، اٽلي، برطانيا ۽ آمريڪي پرڏيهي وزيرن جي شام جي صدارتي چونڊن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آحي ته اليڪشن آزاداڻي ماحول ۾ ناهي ڪرائي وئي جڏهن ته ترڪي به ان اليڪشن کي غير قانوني قرار ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔