قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪورم پورو نه هئڻ سبب اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪورم پورو نه ڪرڻ جي نشاندهي ڪرڻ تي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ شروع ٿيندي ئي اسيمبلي ميمبر شيخ فياض ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي جنهن جي ڪري اجلاس ڪجهه دير تائين ملتوي رهيو بعد ۾ ڪورم پورو ٿيڻ تي ڪارروائي شروع ٿي. ليگي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته پنجاب جي مڪاني ادارن کي ٻه مهينن کان بحال ناهي ڪيو پنجاب حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد ناهي ڪيو ادارن کي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت پنجاب جي وڏي وزير خلاف ڀڃڪڙي تي سپريم ڪورٽ ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. اجلاس دوران لاکڙا هائوس ۽ ڪوٽڙي پاور هائوس ڄامشورو جي ملازمن جي مطالبن وارا پلي ڪارڊ کڻي ليگي ميمبر کيهل داس ڪوهستاني، سڪندر راهو پوٽي ۽ ڊاڪٽر مهيش ملاڻي احتجاج ڪيو. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبر آغا رفيع الله ٻيون ڀيرو ڪورم پورو نه ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي، نشاندهي جي باوجود ڪارروائي جاري رکي وئي ان دوران مملڪي وزير علي محمد خان نيب آرڊيننس ۾ 4 مهينا واڌ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن کي منظور ڪرايو ويو جڏهن مخالف ڌر هنگامو پڻ ڪيو. اسيمبلي جي اسپيڪر ڪورم پورو نه هئڻ سبب اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔