اسرائيل انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون پيو ڪري: شيرين مزاري

اسلام آباد: وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته اسرائيلي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، اسرائيل حڪومت نسل پرست حڪومت آهي. اسلام آباد ۾ سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته فلسطين بابت پهرين به ٺهراءَ منظور ٿيا آهن، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل جاچ ڪميشن کي وسيلا ميسر ڪندو. شيرين مزاري جو چوڻ هو ته اسرائيل فسلطين جي ماڻهن جي زمينن تي قبضو ڪري رهيو آهي، اسرائيل جنيوا ڪنونشن جي تحت فلسطين جي خلاف جنگ ڏوهه ڪري رهيو آهي. شيرين مزاري چيو ته اسرائيل انساني حقن بابت ڪيترين ئي شقن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ڪشمير مسئلي تي به اهڙيءَ قسم جا ٺهراءَ پيش ڪرڻ گهرجن. شيرين مزاري چيو ته يورپي ملڪ انساني حقن جي تي ڳالهائيندا آهن، انساني حقن واري ڪونسل ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ٿيڻ وڏي ڪاميابي آهي، جاپان به ٺهراءَ تي پاڻ کي الڳ رکيو، چين ۽ روس ٺهراءَ کي سپورٽ ڪيو آهي. هن چيو ته جن ملڪن ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي آهي ان تي دٻاءُ ايندو ۽ هنن کي نظرثاني ڪرڻي پوندي، ٺهراءَ تي طاقتور ملڪن مخالفت ڪئي يا الڳ رکيو پر دنيا ڪجهه ٻيو ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔