حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ اضافي کي في الحال ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان جي ناڻي بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر وقار مسعود جو چوڻ ھو تھ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي في الحال ملتوي ڪري ڇڏيو آھي، ايندڙ بجيٽ ۾ ملازمن جون پگھارون وڌايون وينديون. وزيراعظم جي ناڻي بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر وقار مسعود قومي اسيمبلي جي قائمھ ڪميٽي جي ناڻي واري وزارت کي بريفنگ ۾ ٻڌايو تھ سيلز ٽيڪس ۾ گھٽتائي جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي، ناڻي وارو وزير سيلز ٽيڪس تي انعامي اسڪيم آڻڻ جي تجويز ڏئي رھيو آھي، جنھن جو فائدو خريد ڪندڙ کي ٿيندو. ڊاڪٽر وقار مسعود جو چوڻ ھو تھ آءِ ايم ايف کي چئي ڇڏيو آھي تھ گردشي قرض وڌڻ نھ ڏنو ويندو، آءِ ايم ايف سان گڏ نئين مالي سال جي بجيٽ تي ڪم ڪري رھيا آھيون، آءِ ايم ايف جي ٻين شرطن تي عمل درآمد ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔