سنڌ حڪومت پاران 21 ڊاڪٽرن ۽ ٽي ايڇ اوز جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي:سنڌ حڪومت پاران 21 ڊاڪٽرن ۽ ٽي ايڇ اوز جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. شهيد فاضل راهو تعلقي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر احمد کٽي کي بدلي ڪري تعلقي اسپتال فاضل راهو ۾ ايم ايس مقرر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر عزيز الله کي دادو اسپتال مان بدلي ڪري ٽي ايڇ او جوهي، ڊاڪٽر لياقت علي کي ٺل اسپتال مان بدلي ڪري آر ايڇ سي سلطان ڪوٽ جو ايم ايس مقرر ڪيو ويو آهي. ٽي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر رزاق وساڻ کي سي ايم او انسٽيٽيوٽ آف اسڪن ڊزيز ڪراچي، ڊاڪٽر محمد جمن کي سجاول اسپتال مان بدلي ڪري ميرپور بٺورو اسپتال ۾ ايم ايس، ڄامشوري جي ٽي ايڇ او ڊاڪٽر شفيق الرحمان کي بدلي ڪري ڪوٽڙي اسپتال ۾ سي ايم او، ڊاڪٽر غلام الله کي جوهي مان بدلي ڪري دادو اسپتال ۾ سي ايم او مقرر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر برڪت علي کي راڌڻ اسپتال مان بدلي ڪري ٽي ايڇ او قمبر شهدادڪوٽ، ڊاڪٽر سجاد حيدر شاھ کي نوان جتوئي اسپتال ۾ ايم ايس مقرر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر نريش کي ڏوڪري اسپتال مان بدلي ڪري چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻي ۾ سي ايم او مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر عبدالخالق کي ٺارو شاھ اسپتال مان بدلي ڪري نوشهروفيروز اسپتال ۾ اي ايم ايس مقرر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر شجاعت علي کي بدين اسپتال مان بدلي ڪري ڪڍڻ اسپتال ۾ ڊپٽي ايم ايس مقرر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر غلام عباس، ڊاڪٽر محمد شعيب، ڊاڪٽر نياز احمد، ڊاڪٽر عبدالرحمان، ڊاڪٽر عابد علي، ڊاڪٽر عبدالجبار، ڊاڪٽر عبدالمجيد عباسي، ڊاڪٽر منظور احمد ۽ ڊاڪٽر محمد جمن جي مقررين ۽ بدلين جا پڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔