پنجاب جي علائقي ڊيرا غازي خان ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز

ڪراچي : پنجاب جي علائقي ڊيرا غازي خان ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز، لادي گينگ خلاف آپريشن ۾ بارڊر ملٽري فورس، پنجاب پوليس ۽رينجرز شامل، ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي، مقامي علائقي تمن کوسه ۾ ٽيون مغوي خادم حسين به گذريل رات گهر پهچي ويو، انتظاميا جو چوڻ آهي ته 2 ڏينهن اڳ لادي گينگ 3 ڄڻن کي اغوا ڪيو، جِن مان 2 قتل ڪيو ويو، ڌاڙيلن مغوين جي قتل جي وڊيو وائرل ڪئي، وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن ڊيرا غازي خان ۾ ڌاڙيلن خلاف اثرائتي آپريشن جو اعلان ڪيو هو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔