ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏڻ چاهيون ٿا: وزيراعظم عمران خان

ايبٽ آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏڻ چاهيون ٿا.

وزيراعظم عمران خان هري پور ۾ ٻوٽو لڳائي بلين ٽري منصوبي (هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ) جوهدف مڪمل ڪري ورتو.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته بلين ٽري سونامي منصوبي جي شروعات خيبرپختونخواه مان ڪئي ،جيڪا اڄ مڪمل ٿي آهي، ايندڙ نسلن لاءِ بهترين پاڪستان ڇڏڻ چاهيون ٿا .

وزيراعظم جو چوڻ هو ته 5 جون تي ماحوليات جو ڏينهن ملهايو ويندو، پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي عالمي موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻيلن جي ڪٽائي ٿي رهي آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي آهي، اسان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون .

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته وڻ لڳائڻ سان موسمياتي تبديلي جا اثر گهٽ ٿيندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔