ڪورونا وبا وڌيڪ پنجهتر مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 2700 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ڪورونا وبا وڌيڪ 75 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جڏهن ته فعال ڪيسز جي انگ ۾ گهٽتائي واقع ٿي آهي.

ان کان علاوه ملڪ ۾ ڪورونا جا 2 هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 62 هزار 706 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ٽيسٽن جو انگ 13.006.32 ٿي وئي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 726 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريصن جو انگ 911.3.2 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 3 لک 13 هزار 059، پنجاب ۾ 3 لک 37 هزار 073، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 31 هزار 027، اسلام آباد ۾ 80 هزار 779، بلوچستان ۾ 24 هزار 823، آزاد ڪشمير ۾  19 هزار  008 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 533 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 59 هزار 018 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 75 مريض فوت ٿي ويا آهن.جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 20 هزار 540 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 3 هزار 901 مريض صحتياب ٿيا آهن جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 831.744 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔