لياري آپريشن ڪيس: عذير بلوچ خلاف 9 پوليس اهلڪارن گواھي ڏئي ڇڏي

ڪراچي: ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 پوليس اهلڪارن عذير بلوچ خلاف گواهي ڏئي ڇڏي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ لياري آپريشن جي دوران پوليس تي بم ڌماڪن ۽ هٿيارن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ 9 پوليس اهلڪار پيش ٿيا، جن لياري گينگ وار جي مک ڪردار عذير بلوچ خلاف شاهدي ڏني، پوليس اهلڪارن عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار لياري آپريشن دوران پوليس تي حملا ڪرايا، جوابدار جي چوڻ تي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي ڪيترائي ڀيرا حملا ڪيا ويا، عدالت پوليس اهلڪار جو قتل ڪيس ۽ اهلڪارن جي بيان رڪارڊ ڪرڻبعد ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔