سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 117 ملازمن کي پنجن ڏينهن ۾ مستقل ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 117 ملازمن کي پنجن ڏينهن ۾ مستقل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. عدالت جو ڊي جي کان پڇاڻو ڪيو ته گذريل ٻڌڻي تي اوهان عدالت کي خاطري ڪرائي هئي ته ملازمن کي مستقل ڪيو ويندو ان تي عمل ڇو نه ٿيو؟ ڊي جي پاران عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته ڊيلي ويجز ملازمن کي مستقل نٿو ڪري سگهجي، ڪانٽريڪٽ وارن ملازمن کي مستقل ڪرڻ تي سرڪار پاران 2015ع کان بندش لاڳو ٿيل آهي. عدالت چيو ته اوهان جو جواب غير مناسب آهي اوهان عدالت کي گمراه پيا ڪريو، لڳي ٿو سيڪشن 3 تي غور نه ڪيو اٿو، ظهر جي نماز پڙهي سيڪشن 3 تي وڃي غور ڪجو، عدالت چيو ته اسان کي سٺو نه ٿو لڳي ته عملدارن کي عدالت ۾ گهرايون ۽ نه ئي عملدار گهرائڻ جو ڪو شوق آهي اوهان جنهن منصب تي آهيو اتي ايمانداري سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏيو. اوهان عدالتي حڪم کي نه ٿا مڃو يا پنهنجي پاڻ کي بچائڻ چاهيو ٿا؟ عدالت ڊي جي کي حڪم ڏنو ته ايس بي سي اي جي سيڪشن 3 سنڌ ريگيولرائيزيشن ڪانٽريڪٽ ايڪٽ 2015ع تحت گريد هڪ کان 18 هين گريڊ جي 117 ملازمن کي مستقل ڪري 2 جون تي رپورٽ سميت ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿجو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔