اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن اضافي ججن کي هٽائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: چيف جسٽس جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن اضافي ججن کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڊيشل ڪميشن اضافي ججن کي مستقل نه ڪرڻ جي سفارش ڪئي. فارغ ٿيندڙن ۾ جسٽس فياض جندران، جسٽس لبنا پرويز ۽ جسٽس غلام اعظم قمبراڻي شامل آهن. جڊيشل ڪميشن منظوري جي لاءِ سفارشون پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيون. جڊيشل ڪميشن آخري اجلاس ۾ ٽنهي ججن کي ڇهن مهينن جي توسيع ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔