جسٽس رٽائرڊ نثار محمود شيخ چيئرمين ماحوليات پروٽيڪشن ٽربيونل مقرر

ڪراچي: سنڌ ڪابينا رٽائرڊ جسٽس نثار محمود شيخ کي چيئرمين ماحوليات پروٽيڪشن ٽربيونل مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا سکر تعليمي بورڊ جي چيئرمين غلام مجتبيٰ شاهه ۽ ميرپور خاص بورڊ جي چيئرمين برڪت علي حيدري جي ملازمت جي مُدي ۾ ٽن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر سعيد الدين چيئرمين ڪراچي تعليمي بورڊ مقرر، حيدرآباد تعليمي بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد ميمڻ کي وڌيڪ ٽن مهينن لاءِ ڪم جاري رکڻ جي هدايت، ڪابينا يونيورسٽي اينڊ بورڊز جي هدايت ڪئي ته هاڻي جنهن به تعليمي بورڊ جي چيئرمين جو مُدو پورو ٿيندو، اُن بابت 3 مهينا پهرين ڪابينا کي آگاهي ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔