سنڌ ڪابينا ارسا طرفان صوبي کي گهٽ پاڻي ڏيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا ارسا طرفان صوبي کي گهٽ پاڻي ڏيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، ارسا ۽ پنجاب جو عمل سنڌ سان دشمني برابر قرار، سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ ۽ احتجاجن باوجود پنجاب هوڏ تان نه لٿو، پنجاب ارسا جي حڪمن کي لتاڙيندي تڪراري تونسا پنجند ڪئنال مان پاڻي جي جبري کڻت شروع ڪري ڇڏي، پنجاب شروعاتي طور ٽي پي ڪئنال مان 500 ڪيوسڪ پاڻي کڻي ويو، ارسا ۾ سنڌ زاهد جوڻيجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن ارسا جي اجلاس ۾ پنجاب کي تڪراري ڪئنال مان پاڻي کڻڻ کان روڪيو ويو، پنجاب ارسا جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي تڪراري ڪئنال کي ٻيهر کولي ڇڏيو، سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ آهي، روڪڻ باوجود پنجاب طرفان ڪئنال مان جبري طور پاڻي کنيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔