پي ايس 70 ماتلي جي چونڊ ۾ ڌانڌلين خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل

اسلام آباد: جي يو آءِ جي مولانا گل حسن زنئور پي ايس 70 ماتلي ۾ جي چونڊ ۾ ڌانڌلين خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست م موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت پنهنجي اميدوار کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ڌانڌلي ڪرائي. درخواست ۾ ٻيهر چونڊ جي استدعا ڪئي وئي آهي. مولانا گل حسن جو چوڻ هو ته 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ورهائي ووٽ خريد ڪيا ويا، درخواست سان تمام ثبوت شامل آهن، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن چونڊ نتيجن کي ڪالعدم قرار نه ڏنو ته عدالت سان رجوع ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔