چين ۾ سوين ميٽر اوچائي تي ٺهيل شيشي جي پل خوف جي علامت بڻجي وئي

بيجنگ: چين ۾ سوين ميٽر اوچائي تي ٺهيل شيشي جي پل خوف جي علامت بڻجي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اوڀراتر واري صوبي جيلين ۾ لونگ جيانگ نالي شهر ۾ 100 ميٽر اوچائي تي تيار ڪيل اها شيشي جي پل سياحن لاءِ کلي وئي آهي جڏهن ته وڏي انگ ۾ سياح پهچي لطف اندوز ٿي رهيا آهن پر ان پل تي وڃڻ لاءِ ٿورا ماڻهو ئي راضي ٿين ٿا ڇاڪاڻ ته ڏيڍ سئو ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ تيز هوا سبب پل لڏڻ وقت ان تي هلندڙ سياحن جون رڙيون نڪريو وڃن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ سياح پل تي گهڻو اڳتي نڪري وڃڻ سبب ڦاسي پيو، تيز هوا لڳڻ ڪري شيشا ٽٽڻ سبب سندس واپسي مشڪل ٿي وئي، جنهن بعد فائر فائٽرز، پوليس ۽ مقامي عملدارن ڏيڍ ڪلاڪ جدوجهد بعد سياح کي واپس آندو ويو، کيس طبي معائني لاءِ اسپتال پهچايو. چيو پيو وڃي ته چين جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اهڙي قسم جون تفريحي پلون ٺاهيون ويون آهن جيڪي سياحت جو مرڪز بڻجي چڪيون آهن. سموري دنيا مان سياح انهن پلن جو مزو ماڻڻ لاءِ پهچن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔