سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊريپ چيئرمين مقرر نه ٿيڻ تي وفاق سرڪار مٿان ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد: توهان ڊريپ ۾ تماشو لڳائي رکيو آهي، اڃا تائين ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي جو چيئرمين مقرر ناهي ٿيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊريپ چيئرمين مقرر نه ٿيڻ تي وفاق سرڪار مٿان ڪاوڙ جو اظهار، ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڊريپ وارا پنهنجو ڪم ته ڪندا نه آهن، ڪو ماڻهو اٿارٽي خلاف عدالت سان رابطو ڪري، تڏهن به مسئلو ٿيندو آهي، پاڪستان جي اهم اداري کي تباهه ڪيو ويو آهي، ڊريپ کي قانوني حيثيت حاصل آهي پر ادارو هلائڻ لاءِ ڪجهه نٿو ڪيو وڃي، عدالت اسسٽنٽ اٽارني جنرل کي ڊريپ ۾ سي اي او ۽ چيئرمين مقرر ڪرڻ بابت قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔