ايڪنڪ جي نئين سر جوڙجڪ، شوڪت ترين چيئرمين مقرر

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي نئين سر جوڙي ڇڏي.
ڪابينا ڊويزن طرفان ايڪنڪ جي نئين سر جوڙجڪ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين ايڪنڪ چيئرمين هوندو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي وزير اسد عمر، حماد اظهر، خسرو بختياري ميمبرن ۾ شامل آهن، جڏهن ته پنجاب مان ناڻي وارو وزير مخدوم هاشم جوان بخت ۽ سنڌ مان نثار احمد کهرو ايڪنڪ ميمبر هوندا.
پڌرائيءَ موجب خيبر پختونخواهه مان تيمور سليم جهڳڙا ۽ بلوچستان مان مواصلات بابت وزير طارق مگسي ايڪنڪ ميمبر هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔