ڀارت ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري، کليل ميدانن مان لاش ملڻ لڳا

نئين دهلي: ڀارت ۾ ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جا لاش دريائن مان ملڻ کان پوءِ هاڻ کليل ميدانن مان به ملڻ لڳا آهن. تازين برساتن کان پوءِ واريءَ ۾ دفن ٿيڻ لاش کليل آسمان هيٺيان پيل آهن. ڀارت جي هڪ ڳوٺ ۾ درياءَ جي ڪناري واري ۾ دفن ڪيل سوين لاش هٿ آيا آهن جنهن کان پوءِ پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.سوشل ميڊيا تي صارفين اهو امڪان ظاهر ڪري رهيا آهن ته اهي ڪورونا متاثرن جا لاش آهن. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب جيپ ۽ ٻيڙين تي سوار پوليس اهلڪار لائوڊ اسپيڪر جي ذريعي ماڻهن کي هدايتون ڏئي رهيا آهن ته اهي لاشن کي دريائن ۾ نه اڇلين ۽ اسان اوهان جي مدد لاءِ حاضر آهيون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر پرياگ راج ۾ جمعي تي طوفاني برساتن کان پوءِ درياءَ جي ڪناري واريءَ ۾ دفن ڪيل ڪپڙن ۾ ويڙهيل لاشون قبرن مان ٻاهر نڪري آيون هيون.رياستي حڪومت جي ترجمان نوينيت سهگل پنهنجي بيان ۾ مقامي ميڊيا جي ان رپورٽن کي رد ڪندي چيو آهي ته مان يقين سان چوان ٿو ته اهي لاش ڪورونا متاثرن جا نه آهن. هن جو چوڻ هو ته ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻهو هندو روايت جي تحت مذهبي لحاظ سان ڪجهه وقت تائين پنهنجي مردن کي ناهن ساڙيندا کين درياءَ جي حوالي ڪندا آهن يا درياءَ جي ڪناري تي انهن جون قبرون کوٽيندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔